واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي مشهور ايم ايم فائٽر امبر ليبروڪ ڪلمو پڙهي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي وئي.
35 ورهين جي امبر ليبروڪ آمريڪا جي فيدر فائيٽ ڊويزن جي مقابلن ۾ حصو وٺندي هيل تائين ڪيتريون ئي ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي امبر ليبروڪ اسلام قبول ڪرڻ بابت ٻڌايو ته هن جي مينٽور مجيد حميد سندس رهنمائي ڪئي، انهيءَ جي ڪري کيس عقيدي ۽ عقيدت جي خبر پئي ۽ هن لاءِ اسلام قبول ڪرڻ جو رستو سولو بڻيو.
امبر موجب هن مقابلي ۾ شڪست جي ڪجهه هفتن بعد اسلام قبول ڪيو ڇو جو ان وقت کيس هر پاسي اونداهه محسوس ٿي رهيو هو ان مايوسي جي وقت هن دل سان الله کي سڏيو ۽ کيس اسلام قبول ڪرڻ جهڙو تحفو مليو.
تازو ئي امبر سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس عبادت ڪندي ۽ قدرتي منظرن مان مزو وٺندي ڏٺو ويو.
انسٽاگرام پوسٽ ۾ امبر لکيو ته هاڻوڪن ڪجهه مهينن منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي، ان دوران زندگي ۾ گھڻا لاها چاڙها آيا، آئون گھڻي محنت ڪئي، منهنجي زندگي ۾ سڀ ڪجهه ابتڙ ٿيڻ لڳو هو پوءِ اک ڇنڀ ۾ سڀ سمجهه ۾ اچڻ لڳو، هر شيءَ مون کي الله جي ويجهو ڪرڻ ۽ دين جي ڳولا جي رستي تي وٺي وئي، مون کي خبر نه هئي ته زندگي ۾ ايندڙ ايندڙ لاهن چاڙها برڪتن جو رستو بڻائڻ لاءِ هئا.
ايم ايم فائٽر پنهنجي پوسٽ ۾ هلندڙ سال کي پاڻ لاءِ حيران ڪندڙ سال قرار ڏيندي وڌيڪ لکيو ته سڀ ڪجهه منهنجي مرضي موجب ناهي پر اهو الله جي مرضي موجب ٿيو آهي ۽ مون کي ان تي پورو ڀروسو آهي.