ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپر اسٽار ماهرا خان پنهنجي پراڻي دوست ۽ ڪاروباري شخصيت سليم ڪريم سان شادي ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن ماهرا خان جي شادي جي ننڍي تقريب مري جي نجي هوٽل ۾ ٿي.
رپورٽس موجب ٻه ڏينهن اڳ شروع ٿيل اداڪارا جي شادي جي تقريبن لاءِ هوٽل جي 200 ڪمرن کي 6 ڏينهن لاءِ بُڪ ڪيو ويو .
ڊزائينر فراز منان جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ماهرا خان ان خاص ڏينهن لاءِ هن جو تيار ڪيل جوڙو پهريو جنهن جي قيمت واضح طور تي ظاهر نه ڪندي هن ٻڌايو ته ان جي قيمت 35 لک رپين کان شروع ٿئي ٿي.
شادي جي ان پروقار تقريب لاءِ اداڪارا ميڪ اپ آرٽسٽ بابر ظهير جي چونڊ ڪئي جڏهن ته سوشل ميڊيا ذريعن موجب گھوٽ ميان سليم ڪريم يوسف بشير قريشي (واءِ ڪيو بي) اسٽوڊيو جي لباس جي چونڊ ڪئي.
واضح رهي ته ماهرا خان ڪجهه وقت اڳ انٽرويو ۾ سليم ڪريم سان لاڳاپن جي تصديق ڪئي هئي.