ملير ۾ ڪرائيدار گهر مالڪ کي زخمي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

ملير (ڊ ر) شاهه لطيف جي علائقي سيڪٽر 17 بي ۾ گهر جي مالڪ وحيد شيخ پاران پنهنجي ڪرائيدار بابر مجيد کي گهر خالي ڪرڻ جو  نوٽيس ڏيڻ بعد گهر خالي نه ڪيو گهر مالڪ پاران گهر خالي ڪرڻ جي زور ڀرڻ تي مڇرجي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گهر جو مالڪ وحيد شيخ ۽ بلڊنگ ۾ رهندڙ ٻيو ڪرائيدار حبيب الله گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ملزم کي گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ زور ڀريو جنهن بعد ڪسٽم جي اڳوڻي ملازم 50 ورهين جي بابر مجيد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي پوليس بابر  جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.