قبضامافيا ملڪ رياض خلاف راولپنڊيءَ ۾ به ڪيس داخل

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ڪي پي ڪي ۾ ملڪ رياض خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ٿيو پر اڃا تائين گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

نامياري صحافي افتخار ڪاظمي موجب تازو راولپنڊيءَ ۾ اسلام آباد جي رهندڙ هڪ عورت مسمات فرخ آصف به ملڪ رياض ۽ سندس واٺن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ عورت ڄاڻايو آهي ته هن هڪ پلاٽ 2 ايڪڙ 13 ويسا ڪنهن شخص کان خريد ڪيو هو، بعد ۾ ملڪ رياض تنگ ڪيو ته پلاٽ بحريا ٽائون لاءِ مون کي وڪرو ڪيو پر مون انڪار ڪيو، جنهن بعد ملڪ رياض جي واٺن مونکي هراسان ڪيو ۽ تشدد جو نشانو پڻ بڻايو.

فرياد ۾ مسمات فرخ آصف گهر ڪئي آهي ته ملڪ رياض خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس تحفظ ڏنو وڃي ۽ کيس خدشو آهي ته ملڪ رياض پنهنجي واٺن جي مدد سان پلاٽ تي زوريءَ قبضو ڪري سگهي ٿو.

ان ڪري ملڪ رياض ۽ ان جي واٺن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري  پلاٽ تي امڪاني قبضي آڏو بند ٻڌو وڃي.

نامياري صحافي جو چوڻ آهي ته جنهن تيزيءَ سان ڪيس داخل ٿي رهيا آهن انهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ملڪ رياض کان اسٽيبلشمينٽ اکيون ڦيري ورتيون آهن، نه ته ڪنهن کي جرئت نه هوندي هئي ته ملڪ رياض خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهي.

ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ملڪ جا سياستدان ۽ رٽائر فوجي آفيسر هاڻي گهڻو وقت ملڪ رياض کي بچائي نه سگهندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 2 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.