پاڪستان ۾ 30 لک کان وڌيڪ افغاني ترسيل، سندن واپسي چئلينج بڻيل

اسلام آباد( مانيٽرينگ ڊيسڪ )بي بي سي موجب گهرو وزارت جي هڪ آفيسر موجب انٽيليجنس ادارن طرفان گهرو وزارت کي موڪليل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل 6 لک افغان شهرين ويزا ورتيون ۽ باضابطا طور سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيا، جڏهن ته اسلام آباد پوليس غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزير سرفراز بگٽي جي حڪم جي روشني ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي سندن سفارتخانن جي مدد سان سندن ملڪ واپس موڪليو ويندو، پريس رليز ۾ عوام کي اهو به چيو ويو آهي ته هو پنهنجي علائقي ۾ غير قانوني طور موجود پرڏيهين جي نشاندهي ڪن.

ان کان علاوه بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته غيرقانوني طور تي رهندڙ ڌارين کي روزگار، پناهه ۽ غير قانوني مدد فراهم ڪرڻ قابل سزا ڏوهه آهي، تجزئي نگارطاهر خان چيو ته 30 لک افغانين کي ملڪ مان ڪڍڻ ايترو آسان نه هوندو ڇو ته پاڪستان به ان حوالي سان عالمي قانونن جو پابند آهي.

افغانستان ۾ پاڪستان جي اڳوڻي قونصل جنرل اياز وزير دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيترن ئي افغانين پاڪستان جي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري پاڪستاني شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪيا آهن.

هن چيو ته 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ آيل 6 لک افغانين جي اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جيڪي طالبان مخالف سمجهيا وڃن ٿا.

افغانين جي ايتري وڏي انگ کي وطن واپس آڻڻ آسان نه هوندو يورپي يونين ايجنسي فار ريفيوجيز پاران مئي 2022 ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب، هن وقت پاڪستان ۾ 30 لک افغاني شهري رهائش پذير آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.