ماڙي جلباڻي سانحي تي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي:رياض چانڊيو

سڪرنڊ ( ويب ڊيسڪ ) جسم اڳواڻ رياض چانڊيو ڳوٺ ماڙي جلباڻي شھيدن تي تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي هن   چيو ته  سنڌين سان ظلم جي انتھا آهي  حساس ادارن ۽ پوليس سر عام سڪرنڊ ڀرسان ماڙي جلباڻي ۾ ڏينهن  ڏٺي  قتل ڪيو آهي  پر نگران گهرو وزير غلط بياني پيو ڪري.

هن چيو ته سنڌ جا جوان ڪڏهن  به  بمبار نٿا ٿي سگهن  اسان جا سنڌي ھاري مزدور پورھيو ڪري گذر سفر ڪرڻ وارا شھيد ڪيا ويا آهن .

سندس چوڻ هو ته  شھيدن جا وارث ۽ اسان وزير اعلي سنڌ جي سرڪاري ڪميٽي کي نٿا مڃون اسان جلباڻي شھيدن جي وارثن سان گڏ آهيون روڊن رستن تي گڏ ھونداسين  اسان جو مطالبو آهي ته جوڊيشل جاچ ڪرائي وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.