سڪرنڊ( رپورٽر لطيف جمالي) اڳوڻي ايم پي اي سماج سدارڪ سيد امداد محمد شاھ جي 19 ھين ورسي سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ ۽ امداد فائونڊيشن پاران سڪرنڊ ۾ ملھائي وئي ، کيس شاعري ۽ لفظن زريعي ڀيٽا پيش.
ورسي کي ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته امداد شاھ جو اسيمبلي ۾ ۽ اسيمبليء کان ٻاھر ڪردار تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.
جڏھن به سچ جي رستي تي ھلڻو پوندو ته پٿر ۽ ڪنڊا ته لڳندا ، اڄ به سنڌ پرست اڃان به موجود آھن جن پنھنجي قلم ۽ شاعري ذريعي سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم کي وائکو ڪيو آھي ۽ حڪمرانن ۽ ڀوتارن کي للڪاريو آھي.
هن چيو ته سنڌ جي قومي سوچ رکندڙن کي منافقي ڇڏڻ گھرجي اسان وٽ قومي غيرت گھٽ آھي غيرت سڪرنڊ جي جلباڻين مردن توڙي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن ڪئي جن پنھنجن گھرن ۾ داخل ٿيندڙن سان مھاڏو اٽڪايو ، معصومن کي بيگناھ رت ۾ وهنجاريو ويو ھٿين خالي ھوندي به پنھجن گھرن مان تڙي ڇڏيو سنڌ جي ماڻھن کي به ساڳي قومي غيرت ڪرڻي پوندي ۽ مھاڏو اٽڪائڻو پوندو ھاڻ لاٽ نه پر سج جي روشني جي ضرورت آھي.
ھن وڌيڪ چيو ته جلباڻين جي شھيد ٿيندڙ نوجوانن پاران ووٽن گھرڻ مهل سڪو جواب ڏنو ھو ، ان تان ناراض ٿي غلط انفارميشن ڏئي اھڙو واقعو ڪرايو ويو.
ان موقعي تي اديب تاج جويو چيو ته سن جي سيدن شاھ حيدر ۽ جي ايم سيد جو ڳاٽ ھميشا اوچو رھيو آھي ، ايڊووڪيٽ علي گوھر بلوچ چيو ته جي ايم سيد کي وقت جي حاڪمن جيل جون سختيون ڏنيون پر لوڏي نه سگھيا امداد شاھ ان عظيم انسان جو پٽ ھو سندس ٻاريل لاٽ ٻاري رکجو.
ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته سن جي سيدن تي توھان آڱر ٿا کڻو توھان ذوالفقار علي ڀٽو ، بينظيرڀٽو جي قاتلن کي نه سزا ڏياري نه وري ڪيس داخل ڪرايو ڀنڊن ۽ جلباڻين جا لاش روڊن تي پيل رھيا توھان قاتلن سان گڏ ويٺا ھئا .
صحافي عبدالتواب شيخ چيو ته سڀ جيالا ڀڄي ويا امداد شاھه ايم آر ڊي جي شھيدن جي وارثي ڪئي، اديب ماڻڪ ملاح چيو ته ايم آر ڊي جي واقعي جو ورجاء ڪندي ماڙي جلباڻي واقعي جو ساڳيو ورجاء ڪيو ويو .
سائل پيرزادي چيو ته جڏھن به سنڌ جو ناحق خون وھندو ھو امداد شاھه روڊن تي ۽ اسيمبليء جي ڏاڪن تي ويھي احتجاج ڪندو ھو.
ان کانسواءِ ڊاڪٽر منظور خشڪ ، اديب جھانگير ڏاھري ، محمد حنيف سومرو ، نواب شاھ پريس ڪلب جو صدر انورشيخ ، فلڪ شير اوڏ ، قاسم سومرو ، ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ شاعر ساگر بلاول ، شاھنواز خاصخيلي ۽ ٻين شاعري زريعي ڀيٽا پيش ڪئي .