“رياستي ادارا پنهنجي ” ڪارنامن“ سان سنڌ کي باهه ڏئي رهيا آهن“

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي ماڙي جلباڻي سانحي تي باهه ٻريل آهي، سينئر صحافي عاجز جمالي لکيو ته سنڌ تاريخي طور پرامن علائقو رهيو آهي. رياستي ادارا پنهنجن ڪارنامن سان سنڌ کي باهه ڏئي  رهيا آهن، سڪرنڊ ۾ بيگناهه ڳوٺاڻن جو قتل ان جو زنده مثال آهي.

رياست پنهنجي دشمنن کي وڌائي رهي آهي. سانحي ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪري باهه کي ٿڌو ڪيو وڃي،بئريسٽر ضمير گهمري لکيو ته جتي رياست معصوم ماڻھو ماري اتي رياست جوجواز ختم ٿي ويندو آھي.

رب نواز بلوچ لکيو ته نگران گهرو وزير سنڌ برگيڊيئر حارث نواز ان کان اڳ ڪوڙ ڳالهايو هو ته ڳوٺاڻن فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ رينجرز فائرنگ ڪئي.هاڻي  وري ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته ڳوٺاڻن ڪهاڙين سان حملو ڪيو.

سوال اهو هو ته زخمي آفيسر ڪٿي آهن؟شهيدن جي وارثن جو چوڻ آهي ته”ڇا پاڪستان جي قراردادن ۾ اهو لکيل هو ته عورتن جي توهين ڪئي ويندي، بيگناهه ماڻهن کي گوليون هنيون وينديون؟.

عاجز جمالي لکيو ته سڪرنڊ جو واقعو ٽنڊو بھاول جي واقعي جھڙو آھي. سنڌ کي مستقل مزاجي سان ڏوھارين کي ڦاھي ڏيارڻ تائين جدوجھد جاري رکڻ گھرجي.

منير حيدر شاهه لکيو ته اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته سڪرنڊ معاملي ۾ لاڳاپيل پوليس، رينجرز اهلڪارن ۽ سياستدانن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سعيد چانڊيو لکيو ته ماڻھن جي دلن ۾ باھ دکي رھي آھي. ھڪ ڏينهن اھا ضرور شعلو بڻبي ۽ اوھان جي ھن ڪوڙ جي ڪوٽ کي ڊاھي پٽ ڪندي. اوھان قتل ڪري سگھو ٿا,کنڀي سگھو ٿا، ماءُ کي ٻچن جي موت ڏيکاري سگھو ٿا پر ان نفرت کي ختم نٿا ڪري سگھو جيڪا ماڻھون توھان سان ڪن ٿا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 2 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.