نوازشريف جي آجيان لاءِ ماڻهو آڻيندڙن کي 125 هونڊا موٽرسائيڪل جي لالچ

لاهور(عوامي آواز نيوز) آج نيوز موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ 21 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي ۽ پارٽي سندس استقبال لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

سينيئر اڳواڻن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته هو نوازشريف جي استقبال لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهن کي مينار پاڪستان وٺي اچن،ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ انتهائي دلچسپ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اهو اعلان  ڪيو پيو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ ماڻهو آڻيندڙ کي ٻه نيون ”هونڊا 125“ موٽرسائيڪلون انعام طور ڏنيون وينديون.

وائرل ٿيل ان وڊيو ۾ اسٽيج تي موجود هڪ شخص کي واضح طور تي پنهنجي خطاب ۾ اهو چوندي ڏسي سگهجي ٿو ته هي وڏو اعلان آهي، اميد آهي ته منهنجي ٽيم کٽي ويندي، اوهان سڀني کي ٻڌايو پيو وڃي ته 21 آڪٽوبر تي نواز شريف وڌيڪ جلسو ڪندو.

وائرل وڊيو کي عوام جا دلچسپ تبصرا ٿي رهيا آهن جڏهن ته ”هونڊا 125“ ايڪس تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي.

جڏهن ته هڪ صارف لکيو ته ”ليڊر اهو هوندو آهي، عوام کي ٻڌائڻ کان سواءِ، عوام پاڻ پنهنجي ليڊر لاءِ ٻاهر نڪري اچي.

اسرار احمد چيو ته جيڪڏهن هن قوم ۾ عقل آهي ته هن آفر تي لعنت وجهندا“.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 2 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.