سينيئر سياستدان گم، پارٽيون ۽ چيف جسٽس خاموش آهن: مصطفيٰ نواز

ڪراچي (مانيٽرڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آحي ته سينيئر سياستدان گم آهن، سياسي پارٽيون ۽ چيف جسٽس خاموش آهن، شيخ رشيد، فرخ حبيب، عثمان ڊار جي مسنگ پرسن ٿيڻ تي خاموشي آهي.

هڪ بيان ۾ اڳوڻي سينيٽر چيو ته اڳوڻو وفاقي وزير شيخ رشيد، فرخ حبيب ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار مسنگ پرسن ٿي ويا آهن، هن چيو ته عمران خان جهڙي حالت ۾ سڀني جي سامهون آيو آهي، ان تي به سياسي جماعتون ۽ چيف جسٽس جي طرفان مڪمل خاموشي آهي.

مصطفيٰ نواز کوکر اهو به چيو ته اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر هي ڪهڙيون رسمون وڌيون پيون وڃن، پڇان ٿو ته سياستدان ۽ صحافي ڪڏهن جاڳندا؟.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنهنجي اڳوڻن جرنلن کي بچائڻ جي لاءِ ته نواز شريف کي ٻن ڏينهن ۾ پوئتي هٽائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.