ڪراچي ۾ گُودام تي ڇاپو، 10 هزار ڪلو کنڊ هٿ

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ گودام تي ڇاپو، 10 هزار ڪلو کنڊ هٿ، اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته کنڊ ذخيرو ڪري   مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي ويندي هئي.

لانڍي ۾ واقع هڪ گودام تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران 10 هزار ڪلو کنڊ هٿ ڪئي وئي، برآمد ڪيل کنڊ اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ سرڪاري اگهه تي عوام کي وڪرو ڪئي وئي.

شهري سستي کنڊ خريد ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي ويا، ۽ کنڊ جي وڌندڙ قيمتن کان پريشان علائقي واسي کنڊ کي خريد ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي ويا . ياد رهي ته ڇاپن جو خدشو ختم ٿيندي ئي کنڊ هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.

چيئرمين هول سيل گروسرز موجب، هول سيل اگهه ۾ 3 رپيا 157 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته پرچون سطح تي کنڊ جو اگهه 170 رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.