ڪراچي ( رپورٽر ) شهر ۾ ڏوهن خلاف ڪارروائي دوران گذريل هفتي دوران ضلعي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ 37 مقابلا ٿيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 06 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته 33 زخمي ٿيلن سميت 50 جوابدار گرفتار، 48 مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار ۽ 21 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون، گرفتار جوابدار وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هٿ آيل هٿيارن کي فارنزڪ لاءِ موڪليو ويو، ترجمان ڪراچي پوليس موجب پوليس گذريل هفتي ڪراچي جي اوڀر، اولهه ۽ سائوٿ زونز ۾ ڪارروايون ڪري 949 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، پوليس پاران جاري منشيات خلاف مهم دوران مختلف علائقن مان لکين رپين جو ماليت جي 55 ڪلو 469 گرام چرس، هيروئن ۽ آئس ڪرسٽال هٿ ڪئي وئي ، گرفتار اسٽريٽ ڪرمنلز وٽان شهرين کان ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ 168 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 68 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ 07 گاڏيون هٿ ڪري تحويل ۾ وٺي ڇڏيون.