گهوٽڪي(ت ر)گهوٽڪي ويجهو بُلا برادري جي ٻن ڌرين جي جھيڙي ۾ فائرنگ دوران 18 ورهين جي ناري حميده بُلو قتل ٿي وئي، ناري سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گهوٽڪي ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لال پير جي ڪچي واري علائقي ۾ بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني تان ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي ڪري ٻنھي ڌرين جي ٻن نارين سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل حميده ڌيءَ شھبان بلو گهوٽڪي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ٻي ناري صغران جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جھيڙي جي سمورن زخمين کي مقامي اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويوجتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جھيڙي دوران ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو ڪافي دير تائين جاري رهي، مقتولا جي وارثن جو چوڻ هو ته جوابدار آزاد بلو، شبير، ميرالي،سجاول ۽ ٻين گھر تي حملو ڪري حميده بلو کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، ياد رهي ته بلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان اڳ ۾ به راحيلا بلو ۽ اسد بلو قتل ٿي چڪا آھن ۽ مھل تائين مقتولن جو انگ ٽي ٿي چڪو آھي ان حوالي سان رابطپ ڪرڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي موجب ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.