سڪرنڊ/نوابشاهه(نمائندا)ماڙي جلباڻي ۾ اهلڪارن هٿان شهيد ٿيل چئن پورهيتن جي ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، ماڙي پوليس پاران ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ به ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگھي ۽ نه ئي ڪنھن به ماڻھو کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا به نه ڪئي آھي ،ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاھ چيو ته ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود به ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آھي جڏھن ته سنڌ جي جوڌن جا لاش روڊن تي پيا ھئا ته اڳوڻا چونڊيل نمائنده گھرن ۾ لڪي ويھي رھيا ھاڻ تڏي تي تعزيت دوران واڳو وارا ڳوڙھا ڳاڙي رھيا آھن اھي ھاڻ بند ٿيڻ گھرجن سنڌ جو باشعور عوام ھاڻ سڃاڻي چڪو آھي اداري جي سربراھن کي گھرجي ته شھيدن جي وارثن کان معافي وٺن ۽ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٺھڙي ۾ پيش ڪن هوڏانهن شھيدن جي وارثن مٺل خان جلباڻي، راڻو خان جلباڻي، علي نواز جلباڻي، باغ علي جلباڻي چيو آهي ته وزير اعليٰ سنڌ پاران جيڪا ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،ان ۾ ڪمشنر خالد حيدر شاهه، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي آصف اعجاز شيخ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو مان اسان کي ڪا به اميد ناھي ڇو جو اسان تڏي تي ٻي ڏينهن سوڳ ۾ ھياسين ته اسان کي نواب شاهه سرڪٽ ھائوس ۾ گھرايو ويو آهي اسان پنهنجو چٽو موقف ڏنو آهي ته اسان جا نوجوان بيگناھ شھيد ڪيا آهن ان ڪري اسان گھر ٿا ڪريون ته ھاءِ ڪورٽ جي جوڊيشل ڪاميٽي جوڙي وڃي انڪوائري ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي ،هوڏانهن ماڙي جلباڻي سانحي خلاف نگران وڏي وزير اعليٰ سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر طرفان جوڙيل جاچ ڪميٽي ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه، ڊي آئي جي اسپيشل برانچ ڪراچي آصف اعجاز شيخ، ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد پرويز چانڊيو تي مشتمل 3 رُڪني جاچ ڪميٽي نوابشاهه پهچي ڪمشنر شهيد بينظير آباد جي آفيس ۾ ماڙي جلباڻي جي علائقي جي راڻو جلباڻي، باغ علي جلباڻي، علي گل جلباڻي ۽ ٻين معززن سميت مختلف ٿاڻن جي پنج ايس ايڇ اوز سي آئي اي انچارج مقصود مڱڻهار، وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مريم ڀرٽ، بي سيڪشن ٿاڻي جي طفيل ڀٽو، کڏهر ٿاڻي جي مجيب ناريجو ۽ ايئرپورٽ ٿاڻي جي راڻا جمشيد جا بيان قلم بند ڪيا ويا جڏهن ته مقتولن جا وارث تڏي تي ويٺل هئڻ ڪري جاچ ڪميٽي وٽ نه پهچي سگهيا جنهن بعد جاچ ڪميٽي جي سربراه ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت تائين پوليس آفيسرن ۽ ڪجھ ڳوٺاڻن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آھن انڪوائري اڃان مڪمل نه ٿي آهي جيڪي به نتيجا سامهون ايندا ميڊيا کي آگاهه ڪندا رهنداسين هن چيو ته اسان ٻئي مرحلي ۾ مقتولن جي وارثن وٽ به ڳوٺ هلي وينداسين ۽ انهن جا به بيان وٺنداسين ۽ جتي واقعو ٿيو آهي ان جو به معائنو ڪنداسين ۽ مڪمل انڪوائري ۽ تحقيقات ڪرڻ بعد رپورٽ وزير اعليٰ وٽ پيش ڪنداسين انهي موقعي تي جاچ ڪميٽي وٽ آيل ماڙي جلباڻي جي معززن راڻو جلباڻي ضلعي ڪائونسل ميمبر باغ علي، جلباڻي علي گل جلباڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقتولن جا وارث تڏي تي ويٺل آهن ۽ تعزيتون وصول ڪري رهيا آهن جنهن ڪري اُهي اڄ جاچ ڪميٽي آڏو پيش نه ٿي سگهيا آهن انهن پاران اسان علائقي جا معزز آهيون جيڪي جاچ ڪميٽي آڏو پيش ٿيا آهيون هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي اسان جي بيگناهه پورهيتن کي بيدردي سان ماريو ويو ڀلي هي جوڙيل ڪميٽي سڀني ٿاڻن تان جاچ ڪرائي ڪنهن به مقتول تي ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه آهي هنن چيو ته هي ڪميٽي به ڀلي انڪوائري ڪري پر اسان ۽ مقتولن جي وارثن جو مطالبو آهي ته اعليٰ عدالتي ڪميٽي جوڙي انهن کان تحقيقات ڪرائي وڃي.
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سڪرنڊ سانحي خلاف سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر برقرار، مختلف تنظيمن پاران مظاهرا،ڌرڻا،تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن ماڙي جلباڻي واري واقعي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن گلبھار جعفري، منير کوسو، شاھنواز ميراڻي ۽ ٻين چيو ماڙي جلباڻي واقعو کليل دھشت گردي آهي، هوڏانهن قمبر يوٿ فورم طرفان جناح باغ قمبر کان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪامريڊ اياز ٻرڙو،بخت ڀٽو،لطيف گوپانگ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،هنن چيو ته پوليس ۽ رينجرز بلاجواز ماڙي جلباڻي ڳوٺ ۾ داخل ٿي هٿي خالي پورهيتن مٿان انڌانڌ فائرنگ ڪري 4 ڳوٺاڻن کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ 5 ماڻهن کي سخت زخمي ڪيو هي واقعو ۽ هن کان اڳ اهڙي طرح جا واقعا سنڌ ۾ هڪ منظم طريقي سان ڪري سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ جي منصوبابندي محسوس ٿئي پئي هنن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيل سرعام گهمن ٿا انهن کي ته اڄ تائين ڪنهن به رياستي ادارن ڪجھ به ناهي ڪيو باقي عام سنڌي پورهيت کي ماري رياستي ادارا صرف ۽ صرف سنڌي عوام ۾ نفرت جو ٻڄ پوکي رهيا آهن ، خيرپور ناٿن شاهه ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي بلاول ڀرگڙي ،اسد چانڊيو ،ماجد ٻگھيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، احتجاجي مظاهري ۾ اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ٽه ڏينھن پهريان ڏٺي جو سنڌ پوليس ۽ پيراملٽري فورسز جو سرعام سڪرنڊ شھر جي ماڙي جلباڻي ڳوٺ تي فائرنگ ڪندي چار ماڻھو شھيد ڪري ڇڏيا جنھن جي ڀرپور مذمت ڪجي ٿي ھي واقعو 30 سال پھرين مائي جندو جي گھر وارن سان ان وقت جي ميجر جي اڳواڻي ۾ ڪيل ناجائزي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو جنھن پھريون ته اھو چيو ته 9 ڌاڙيل ماريا آھن حقيقتون جڏھن عالم آشڪار ٿيون ته اصل واقعي جا سبب معلوم ٿيا ته معصوم ماڻهو ھيا نه ڪي ڌاڙيل ،اڳواڻن ماڙي جلباڻي واقعي تي ٺھيل ڪميٽي جيڪي ڊي آئي جي جي اڳواڻي ۾ ٺھيل آھي ان تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو مظاھري ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سومر چانڊيو ،ايس يو پي جي اڳواڻ غلام محمد گاڏي، ايس ٽي پي جي اڳواڻ علي حسن جانوري طبقاتي جدوجھد جي اڳواڻ سهيل شرڪت ڪئي.خيرپور ۾ نوجوان اتحاد پاران ريلي ڪڍي وئي،ريلي جي اڳواڻي راشد جانوري حامد جتوئي اطهر جانوري ھوشو سنڌي صابر جانوري ڪئي ،اڳواڻن چيو ته افسوس جھڙي ڳالھ آھي جو سرعام سنڌين کي ائين بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته اسان سنڌي قوم امن پرست قوم آهيون ھنن چيو واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي گرفتار ڪيو وڃي لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو ضلعي طرفان ماڙي جلباڻي واقعي ۾ شهيد پورهيتن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن ضلعي صدر لياقت علي عمراڻي، عبدالستار جاگيراڻي، ديدار علي سولنگي، رسول بخش ڀٽو، شاهنواز ٿهيم، خادم بليدي، ناصر ڀٽو، فدا حسين جاگيراڻي، صدرالدين، علي شاهاڻي ۽ ٻين چيو ته سڪرنڊ واقعي تي پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي افسوس جو واقعي جو ڪيس داخل هئڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ناهي آهي ۽ نه ئي انتظاميه جو ڪو عملدار شهيدن جي وارثن وٽ ويو آهي ميهڙ ۾ جئي سنڌ محاذ ، نئون ڳوٺ شھري اتحاد جي اڳواڻن برڪت ڪلھوڙو ، فقير محمد تنيو، ممتاز لاکير ، ناچيز قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڪچي جي علائقن ۾ ريلي ڪڍي وئي هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو يوٿ سپاف ضلع نواب شاهه پاران ماڙي جلباڻي واقعي خلاف ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي، شاھڪار ملاح، رزاق خاصخيلي، اختيار سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ماڙي جلباڻي واقعو انتھائي افسوسناڪ آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي، ٺٽي ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران مدد ميرجت، نظر جاکرو، اعجاز بروھي، شھريار ڪيريو، سلمان جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاھراھ جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ماڙي جلباڻي ڳوٺ ۾ بنا ڪنھن ثابتي جي مظلوم سنڌين جو رت وھايو ويو آھي، هوڏانهن ماڙي جلباڻي واقعي خلاف ڪالهه مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيم جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پورهيت مزاحمت تحريڪ پاران مسرور شاهه، نثار لغاري، مهراڻ ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پ پ شهيد ڀٽو پاران ارشاد خاصخيلي، سيد حسنين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي وارو واقعو رياستي ڏاڍ جو کليل ثبوت آهي، جنهن ۾ معصوم ڳوٺاڻن تي گوليون هلائي کين بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هنن چيو ته گذريل وڏي عرصي کان سنڌي قوم کي رياست پاران نشانو بڻايو پيو وڃي. هنن چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن جي سرپرست پوليس هٿ سان معصوم ماڻهو مارائي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ماڙي جلباڻي واقعي ۾ آپريشن جي ذميوارن تي ڪيس داخل ڪري مقتولن جي وارثن کي انصاف ڪيو وڃي،سکر ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ پ پ شهيد ڀٽو يوٿ سپاف ضلع نواب شاهه پاران ماڙي جلباڻي واقعي خلاف ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي، شاھڪار ملاح، رزاق خاصخيلي، اختيار سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته غريب ڳوٺاڻن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري انھن جا 4 نوجوان قتل ڪيا آھن ۽ چئن ڄڻن کي زخمي ڪيو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته ماڙي جلباڻي واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.