ڪراچي/ سڪرنڊ (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي مقامي قيادت سان گڏجي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي پھتو، ھن شھيدن جي وارثن سان تعزيت بعد ڳالھائندي چيو ته هن مهل سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، ماڻهن جي دردن جو درمان ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن جا لکين ماڻهو ڌاڙيل راڄ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ ڏينهن ڏٺي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي انڌي ڪارروائي جي ڪري پنج بيگناهه ڳوٺاڻن جو قتل انتهائي افسوسناڪ ۽ غيردانشمنداڻو قدم آهي، واقعي جي اعلى عدالتي ڪميشن ذريعي شفاف جاچ ڪرائي ملوث اهلڪارن کي عبرتناڪ سزا ۽ متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، گهرو وزير حارث نواز واقعي کي هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود اڄ تائين اهو ناهي ٻڌايو ته ماڙي جلباڻي ۾ ڪهڙي گروپ جو نيٽ ورڪ، ڪهڙي تنظيم جو بمبار لڪل هو؟ نگران سنڌ حڪومت اها ڳالهه چٽي ڪري ته رينجرز ڪچي جي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آئي آهي يا بي گناهه ڳوٺاڻن تي گوليون وسائڻ لاءِ؟ چادر، چارديواري جو تقدس پامال ڪندي ائين گهرن تي حملو ڪرڻ بي حسي جي انتها آهي.