ڄامشورو (نمائيندو عوامي آواز) ڄامشوري ۾ مسافر ڪوچ جو ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ۽ 8 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
اڪرو ٽول پلازا وٽ سيوھڻ انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان ڄامشوري ايندڙ مسافر ڪوچ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ مالڪ محمد عثمان سولنگي ۽ ڪلينڊر محمد ايوب شيخ فوت ٿي ويا.
زخمين ۾ حسين بخش سهڙو سميت 8 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي شامل آهن..
فوتي جا لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جتان ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.