بينگلور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ناگا ڀوشن ايس ايس جي ڪار جي ٽڪر ۾ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کانپوءِ پوليس اداڪار کي گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪانندا فلمن جي اداڪار ناگا ڀوشن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ڇو ته گذريل رات ان جي تيز رفتار ڪار فٽ پاٿ تي چڙهندي هڪ جوڙي سان ٽڪرائجي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 48 ورهين جي پريما ۽ سندس مڙس 58 ورهين جو ڪرشنا سخت زخمي ٿي پيا.
حادثي کانپوءِ جوڙي کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي عورت زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس علاج هيٺ آهي.
واقعي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي اداڪار ناگا ڀوشن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like