گوگل جي هٿرادو ذهانت (اي آءِ) جي سافٽ ويئر دعويٰ ڪئي آهي ته امڪان آهن ته خلائي مخلوق پنهنجن اڏام کٽولن تي ڪلوڪنگ ڊوائيسز (شين کي مڪمل يا جزوي طور تي لڪيل رکندڙ ٽيڪنالوجي) جو استعمال ڪندي زمين جو دورو ڪري رهي آهي.
گوگل اي آءِ اهو به چيو ته ممڪن آهي ته اهي پنهنجو پاڻ کي ٻي دنيا کان لڪائڻ لاءِ زمين تي مخصوص هنڌن جهرو هماليا جبلن تي موجود هجن.
آمريڪي خلائي ايجنسي ناسان هلندڙ مهيني جاري ڪيل هڪ رپورٽ کان پوءِ ماڻهو زمين تي ”ايلين لائيف“ بابت گھڻو غور ۽ فڪر ڪري رهيا آهن.
جيتوڻيڪ ناسان انتظاميا ان خلائي مخلوق جي موجودگي کي رد ته نه ڪيو آهي پر ان جي دعويٰ آهي ته اڏام کٽولن کي ڪنٽرول ڪندڙ اجنبي مخلوق کي ڪيمرا جي اک ۾ رڪارڊ ڪري سگھجي ٿو.
هٿرادو ذهانت تي ٻڌل گوگل جي ”بارڊ“ سافٽ ويئر کان خلائي مخلوق جي موجودگي بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته اهو ممڪن آهي ته اجنبي مخلوق اسان جي عمل ۾ اچڻ کانسواءِ زمين تي ايندي هجي، اهي انسان کان گھڻو اڳتي ۽ اهڙي جديد ترين ٽيڪنالوجي رکندڙ ٿي سگھي ٿي جنهن جو اسان تصور به نٿا ڪري سگھون، مثال جي طور تي انهن وٽ ڪلوڪنگ ڊوائيسز ٿي سگھن ٿا جيڪي انهن جي اڏام کٽولن (اسپيس شپس) کي لِڪائي رکندي آهي.
سافٽ ويئر وڌيڪ چيو ته زمين تي اجنبي مخلوق جو اڳ کان موجود هجڻ جو امڪان اڻڄاتل آهي ڇو جو ان دعويٰ جي حمايت ۾ ڪو به سائنسي ثبوت موجود ناهي پر ٻي پاسي ان دعويٰ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ به ڪو ثبوت موجود ناهي.
ڪائنات گھڻي وسيع آهي ۽ اربين ڪهڪشائن تي ٻڌل آهي ۽ هر هڪ ڪهڪشان ۾ اربين ستارا آهن. انگن اکرن جي لحاظ سان اهوامڪان آهي ته زندگي ڪائنات ۾ ڪٿي ٻئي هنڌ موجود آهي، پر اسان کي خبر ناهي ته اها ڪٿي يا ڪهڙي شڪل اختياري ڪري چڪي آهي.
هيل تائين ماڻهن جي اڏام کٽولا ڏسڻ ۽ خلائي مخلوق کي منهن ڏيڻ جون ڪيتريون ئي رپورٽس سامهون آيون آهن، جن مان ڪجهه ماڻهن کي هاڻي ان ڳالهه جو به يقين آهي ته اها خلائي مخلوق ماضي ۾ زمين جو دورو ڪري چڪيون آهن ۽ اڃا به موجود آهن.
پر سائنسدانن طرفان ان حوالي سان في الحال انهن رپورٽس جي ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي.
جڏهن بارڊز ان خلائي مخلوق جي زمين تي اچڻ کان پوءِ ڪٿي لڪي وڃڻ بابت سوال ڪيو ويو ته ان هڪ ڊگھي لسٽ فراهم ڪئي، جنهن جي تجويز ڪيل ڪجهه اهم هنڌن ۾ سمنڊ جي سڀ کان گھري جاءِ ”ماريانا ٽرينچ“، ايمازون جا ٻيلا، صحارا رڻ، انٽارڪٽيڪا جي برف جي چادر ۽ هماليا جا جبل شامل هئا.
بارڊ اهو به انڪشاف ڪيو ته ائين به ممڪن آهي ته اها مخلوق لِڪڻ لاءِ زمين هيٺ غارن، ڇڏيل عمارتن يا فوجي اڏن جو استعمال ڪنديون هجن.
اهو به ممڪن آهي ته خلائي مخلوق اهڙي ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي هجي جنهن جي مدد سان اها پاڻ کي لڪيل رکي سگھندي هجي.
مثال جي طور تي اها پنهنجو پاڻ کي يا پنهنجي اڏام کٽولن کي لڪيل رکڻ لاءِ ڪلوڪنگ ڊوائيس يا هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃڻ لاءِ ٽيليپوزيشن ڊوائس جو استعمال ڪندي هجي.
هٿرادو ذهانت جي سافٽ ويئر جن هنڌن کي درج ڪيو آهي، اهي حقيقت ۾ اهي هنڌ آهن جتي اها مخلوق انسانن ۽ ٻي دنيا کان لڪڻ ۾ گھڻو وقت گذاري سگھن ٿا.
Prev Post
Next Post
You might also like