بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا مسئلا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مستحق عورتن جي مالي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٽه ماهي قسطن جي ورهاست جو عمل جاري آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب تازو قسطن جي ورڇ ۾ گذريل قسطن جيان 500 کان 1000 رپين تائين جي رقم 9000 رپين مان ڪاٽي پئي وڃي.

ايف آءِ اي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اختيارين ڪارروائي ڪئي آهي پر اهو سلسلو جاري آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي ادارا ان سلسلي ۾ مليل شڪايتن تي فوري ايڪشن وٺن، دير جي حڪمت عملي کان پاسو ڪن ته جيئن ضرورتمندن کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل مڪمل رقم ملي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.