ڀارت جي حڪمران جماعت ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) چونڊن ڪاميابي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلمان مخالف فارمولي جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو.
ڪرناٽڪ رياست ۾ چونڊن کان اڳ ڪروڙين واهپيدارن کي سوشل ميڊيا تي مسلمان مخالف ميسيج ملڻ شروع ٿي ويا.
آمريڪي اخبار دي واشنگٽن پوسٽ موجب جي بي جي عملي ڀارتي شهرين جي خوف مان فائدو کڻڻ جي مقصد سان سوشل ميڊيا تي مواد تيار ڪيو آهي.
اخبار جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بي جي پي ڏيڍ لک کان وڌيڪ سوشل ميڊيا ورڪرز ذريعي مسلمان ۽ اسلام مخالف مواد کي سوشل ميڊيا تي پکيڙي رهي آهي.
آمريڪي اخبار وڌيڪ چيو ته فيس بُڪ ڀارتي فوج جا ڳجهي طور تي هلايل ڪيترائي ئي جعلي اڪائونٽ پڪڙيا، ڪمپني جي ڪيترن ئي ملازمن انهن اڪائونٽن کي بند ڪرڻ چاهيو پر نئين دهلي ۾ موجود فيس بُڪ جي آفيس جي ايگزيڪيوٽو ملازمن کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.
You might also like