اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ووٽر لسٽون غير منجمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽون غير منجمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب سمورا اهل ماڻهو 25 آڪٽوبر تائين پنهنجو ووٽ داخل ڪرائي سگهن ٿا.
اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ووٽر لسٽون 25 آڪٽوبر تائين غير منجمد رهنديون، ان دوران ووٽ خارج ڪرڻ، منتقلي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ موجب دستاويزن جي درستگي به ڪرائي سگهجي ٿي.
#ECP pic.twitter.com/gys7k022e1
— Election Commission of Pakistan (OFFICIAL) (@ECP_Pakistan) September 28, 2023
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن 20 جولاءِ تي ووٽر لسٽون منجمد ڪيون هيون.