مان ايتري پياري آهيان جو ماڻهن کان هضم نه پئي ٿيان: شهناز گل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا شهناز گل پنهنجي معتبر هجڻ ۽ سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙن کي سخت جواب ڏنو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب شهناز گل هن وقت پنهنجي ايندڙ رليف ٿيندڙ فلم ”ٿينڪ يو فار ڪمنگ“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ هڪ انٽرويو ڏنو.
انٽرويو ۾ جڏهن مداحن جي پيار ۽ ٽرولنگ کي منهن ڏيڻ بابت پڇيو ويو ته هن چيو منهنجا مداح حقيقت ۾ مون کي سوشل ميڊيا تي انهن ٽرول ڪندڙن کان محفوظ رکندا آهن، جن کي منهنجي معتبر هجڻ تي شڪ آهي.
هن چيو ته مان تمام گهڻي پياري آهيان، منهنجي فالوئرز جو انگ تمام گهڻو آهي پر نفرت ۽ تنقيد ڪندڙ به گهٽ ناهن، ماڻهو سمجهندا آهن ته مان جيڪو به ڪندي آهيان اهو اصل هوندو آهي پر اهو سڀ جعلي هوندو آهي.
سندس موجب حقيقت ۾ انهن ڪڏهن مون جهڙي شخصيت ڏٺي ئي ناهي، مان ايتري منفرد ۽ پياري آهيان جو ماڻهن کان هضم ئي ناهيان ٿيندي، جيڪڏهن مان پياري آهيان ته پياري آهيان پر خطرناڪ ٿي وڃان ته پوءِ خطرناڪ آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.