اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ انصاف جي فراهمي ۾ آساني بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف جسٽس لا آفيسرن کان سپريم ڪورٽ جو ڪم بهتر بڻائڻ بابت تجويزون طلب ڪري ورتيون.
اجلاس ۾ اٽارني جنرل سميت چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز ۽ پراسيڪيوٽر جنرلز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سينيئر ترين جج جسٽس سردار طارق مسعود به شريڪ ٿيو.
پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ جي گهڻي ڀاڱي ڪيسن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڌر هونديون آهن، چيف جسٽس لا آفيسرن کان سپريم ڪورٽ جو ڪم بهتر بڻائڻ بابت تجويزون طلب ڪيون.
لا آفيسرن سپليميٽري ڪاز لسٽ دير سان جاري ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، لا آفيسرن شڪايت ڪئي ته ڪاز لسٽ دير سان جاري ٿيڻ سان ڪيس جي تياري جو وقت ناهي هوندو، آفيسرن کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي وئي.
سپريم ڪورٽ جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته لا آفيسرن آڪٽوبر جي ڪاز لسٽ جاري ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو.
لا آفيسرن ڪجهه تجويزون ڏنيون، جن تي غور ڪيو ويندو، لا آفيسرن چيف جسٽس طرفان ان نوعيت جو پهريون اجلاس گهرائڻ جي قدم کي ساراهيو.
You might also like