پي ايس ايل 9 ڪٿي ٿيندو؟ پي سي بي واضح ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف واضح اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان سُپر ليگ پاڪستان ۾ ئي ٿيندي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذڪاءَ اشرف پي ايس ايل جي وينيو بابت سمورا خدشا رد ڪندي واضح ڪيو ته ايونٽ پاڪستان ۾ ئي کيڏيو ويندو.

واضح رهي ته پي ايس ايل جو نائون ايديشن ايندڙ سال فيبروري کان 24 مارچ تائين کيڏي ويندي پر حتمي شيڊيول ايندڙ گورننگ ڪائونسل اجلاس ۾ طئي ٿيندو.

ذريعن موجب، پي ايس ايل ۾ نئين ٽيم جو اضافو نه ڪرڻ نائون ايڊيشن به ڇهن ٽيمن تحت ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ جنوري، فيبروري ۾ امڪاني چونڊن جي حوالي سان به بحث ٿيو ۽ تمام فرنچائز ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چونڊن يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پي ايس ايل کي دبئي منتقل نه ڪيو وڃي.

ذريعن موجب، چونڊن سبب ميچون متاثر ٿيڻ جو خدشو ٿيو ته پي ايس ايل ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ بدران شيڊيول تبديل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.