”رونالڊو ٽين شادي ڪري ڇڏي“

برازيل جي ناليواري فٽبالر رونالدو لوئس نزاريو برازيلين ماڊل سيلينا لاڪس سان شادي ڪري ڇڏي.
برازيلين ميڊيا موجب رونالڊو ۽ سيلينا لاڪس 7 سالن کان هڪٻئي سان گڏ وقت گهاري رهيا هئا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ هنن فيصلو ڪيو ته هاڻ شادي ڪرڻ گهرجي.
رونالڊو لوئس نزاريو جي ميلين ڊومينگيس ۽ ڊينيلا سيڪاريلي سان طلاق کانپوءِ اها ٽين شادي آهي.
واضح رهي ته رونالڊو 98 ميچن ۾ پنهنجي ٽيم جي نمائندگي ڪئي، جنهن ۾ هن 62 گول اسڪور ڪيا، ليجنڊري فٽبالر پنهنجي ٽيم کي پنجون فيفا ورلڊ ڪپ ٽائيٽل کٽرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.