لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ هلندڙسال ڇوڪرن جي نالن ۾ سڀ کان وڌيڪ محمد نالو رکيو ويو.
هلندڙ سال برطانيا ۾ ڇوڪرن جو رکيو ويندڙ مقبول نالو محمد آهي، ٻئي نمبر تي جيڪو نالو وڌيڪ رکيو ويو اهو نوح آهي، نالو هيري 13هين ۽ گرڪر 23هين نمبر تي آيا.
ڇوڪرين جي رکيل نالن ۾ ميگهن ۽ للي نالا مقبول رهيا.
مقبوليت جي حساب سان صوفيا نالو ٻئي نمبر تي رهيو.