رڳو هڪ ويزا تي ڪيترن ئي ملڪن جي سفر جي سهولت

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي حڪومت سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ نار شهرين لاءِ سياحتي ويزا فري سفر پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن جي حڪومت هڪ نئين سياحتي ويزا تي ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪا حاصل ڪرڻ کانپوءِ ويزا هولڊر ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪري سگهندو.
اها ڳالهه گڏيل عرب امارتن جي اقتصادي معاملن واري وزير عبدالله بن طوق المري ابوظهبي ۾ هڪ ڪانفرنس دوران چئي.
سندس چوڻ هو ته اها سهولت نار ملڪن ۾ رهندڙ پرڏيهين لاءِ به آهي، جيڪي امارات جي سياحتي ويزا تي ٻين ملڪن جو سفر ڪري سگهندا، نار شهرين کي انهن ملڪن ۾ آزاد چرپر جي اجازت ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.