عالمي پيمنٽ سسٽم پي پال پاڪستان ايندو يا نه؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي واري نگران وزير جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ موجوده حالتن ۾ رقم جي منقلي عالمي نيٽ ورڪ پي پال جي سڌي ريت پاڪستان اچن لاءِ سازگار نه آهي پر هو مصر جي ماڊل تي هڪ ٽئين ڌر جي ذريعي پي پال کي پاڪستان آڻڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ کين اميد آهي ته 60 ڏينهن ۾ اهو مسئلو حلٿي ويندو.

ڊاڪٽر عمر سيف صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هنن پي پال کي هڪ ڪاروباري تجويز ڏني آهي جنهن تحت پاڪستان ۾ فري لانسرز لاءِ ٻئي ملڪن مان رقم جي منتقلي ممڪن ٿي ويندي، هو ان سلسلي ۾ پراميد آهن ۽ جيڪڏهن پي پال پاڪستان آيو ته 60 ڏينهن ۾ اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.