صحت جي عالمي اداري وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا جي تقريبن اڌ آبادي صحت جي بينادي سهولتن کان محروم آهي.
ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن جي نئين رپورٽ موجب دنيا جي تقريبن اڌ آبادي يعني 450 ڪروڙ ماڻهو صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. گھڻيون بيماريون ماڻهن جي پنهنجي لاپرواهي جو نتيجو آهن. 2021ع جي ڊيٽا جو تجزيو ڪورونا جي امڪاني ڊگھن اثرن کي نظر ۾ نٿو رکي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي سطح تي تقريبن 200 ڪروڙ ماڻهن کي علاج جو خرچ پاڻ برداشت ڪرڻو پوي ٿو، انهن خرچن جي ڪري تقريبن 130 ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا آهن.
ڊبليو ايڇ او ۽ ورلڊ بينڪ طرفان جاري ڪيل نئين رپورٽ ٽريڪنگ يونيورسل هيلٿ ڪوريج 2023ع گلوبل مانيٽرنگ رپورٽ موجب صحت جي وڏن مسئلن ۾ غير وچڙندڙ مرضن، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ذهني صحت، ماحولياتي صحت ۽ غذائيت جي کوٽ شامل آهن.
ان کانسواءِ صحت جا اهي چيلينجز ڪيترن ئي عملن جي ڪري آهن جن ۾ غير صحتمند طرز زندگي، ماحولياتي گدلاڻ ۽ صحت جي خدمتن تائين ناڪافي پهچ، سگريٽ ڇڪڻ، شراب پيئڻ ۽ منشيات جو گھڻو استعمال آهي.
جنهن جي نتيجي ۾ دل جون بيماريون، فالج، شگر، ٿولهه، پلمونري بيماري جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي. ڪينسر جا ڪجهه قسم به علاج تي ڳرن خرچن جو سبب بڻبا آهن.
صحت جي عالمي اداري جي ڊارئريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس گيبريئس جو چوڻ آهي ته صحت جي بنيادي سهولتن جي کوٽ به معاشرن ۽ معيشتن جي استحڪام کي خطري ۾ وجهي ٿي.
تعليم جي کوٽ ۽ پنهنجي لاپرواهي سبب تباهه ڪندڙ بيمارين جي ڄار ۾ ڦاسندڙن لاءِ حڪومتن کي خاص آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.