ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرميڊئيٽ جي سالياني امتحانن جي نتيجي ۾ نابين ناري ٽين پوزيشن حاصل ڪري مثال قائم ڪري ڇڏيو.
ايبٽ آباد ۾ انٽرميڊئيٽ جي سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردياڻين ميدان ماري ورتو.
نتيجن موجب حفظه سليم 953 نمبرن سان پهرين ۽ صديقه عنايت 935 نمبرن سان ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته اکين جي نور کان محروم عليزا شاهه 918 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.
نابين ناري عليزا شاهه جو چوڻ هو ته مان پنهنجي ڪاميابي تي رب جو جيترو به شڪر ادا ڪيان گهٽ آ، منهنجي ڪاميابي والدين جي دعائن ۽ استادن جي محنت جو نتيجو آهي.
You might also like