مينز ڪرڪيٽرز جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان، ڪنهن کي ڪيتري رقم ملندي؟

لاهور (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) مينز ڪرڪيٽرز لاءِ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ٽي سالا سنيٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ ڪرڪيٽرن سان سمورا معاملا طئي ٿي چڪا آهن، ڪانٽريڪٽ پهرين جولاءِ 2023 کان 30 جون 2026 تائين هوندو.

پي سي بي موجب، ٽي سالا ڪانٽريڪٽ دوران هر ٻارنهن مهينن کانپوءِ رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو.

پڌرائي موجب، 25 رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ پيش ڪيو ويو آهي، معاهدي ۾ آءِ سي سي ريونيو جو حصو پڻ شامل آهي جڏهن ته ريڊ بال ۽ وائٽ بال جي ڪانٽريڪٽس گڏايو ويو آهي، جنهن جو فيصلو ڪانٽريڪٽ ڪميٽي جي تجويز تي ڪيو ويو آهي.

پي سي بي موجب، ٽيسٽ ميچ فيس ۾ پنجاهه سيڪڙو، ون ڊي ۾ پنجويهه سيڪڙو ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ ساڍا ٻارنهن سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

پي سي بي موجب، نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جي معاوضن ۾ 127 کان 202 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي.

تصوير پي سي بي جي ٿورن سان
تصوير پي سي بي جي ٿورن سان

سينٽرل ڪانٽرڪيٽ جي فهرست کي چئن ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي، اي ڪيٽيگري ۾ ٽي رانديگر شامل آهن جن جي معاوضي ۾ 202 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

ڪيٽيگري بي ۾ ڇهه ڪرڪيٽر شامل آهن جنهن جي معاوضن ۾ 144 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سي ڪيٽيگري ۾ ٻه ڪرڪيٽر شامل آهن جن جي معاوضن ۾ 135 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

ان کانسواءِ ڊي ڪيٽيگري ۾ 14 ڪرڪيٽر شامل آهن جن جي معاوضي ۾ 127 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

سينٽرل ڪانٽريٽ مان ڊراپ ٿيندڙ ڪرڪيٽرن ۾ اظهر علي، فواد عالم، نعمان علي، عابد علي، ياسر شاهه، آصف علي حيدرعلي، خوشدل شاهه، عثمان قادر ۽ زاهد محمود شامل آهن.

ان کانسواءِ گذريل سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ شامل سلمان علي آغا ۽ محمد حارث کي ترقي ملي آهي جڏهن ته ايمرجنگ ڪيٽيگري کي ختم ڪيو ويو آهي.

پي سي بي جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي اي ڪيٽيگري ۾ ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.

سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي بي ڪيٽيگري ۾ فخر زمان، حارث رئوف، امام الحق، محمد نواز، نسيم شاهه ۽ شاداب خان کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سي ڪيٽيگري ۾ عماد وسيم ۽ عبدالله شفيق شامل آهن.

پي سي بي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڊي ڪيٽيگري ۾ فهيم اشرف، حسن علي، افتخار احمد، احسان الله، محمد حارث، وسيم جونيئر، صائم ايوب، سرفراز احمد، سلمان آغا، سعود شڪيل، شاهنواز ڏاهاڻي، شان مسعود، اساما مير ۽ زمان خان کي رکيو ويو آهي.

سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن کي ٻه پرڏيهي ليگز کيڏڻ جي اجازت هوندي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ يافته ڪرڪيٽرز کي علائقائي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پنجاهه سيڪڙو انٽرنيشنل فيس ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.