شُڀمَن گِل، وريندر سهواگ کي ڪاوڙائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا خلاف جاري ون ڊي سيريز ۾ ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل جو فارم عروج تي آهي، پهريم ميچ ۾ سينچري جي ويجهو اچي آئوٽ ٿيندڙ بيٽر ٻي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪئي.

پر جارحاڻي بيٽنگ سبب مشهور اڳوڻي ڀارتي اوپنر وريندر سهواگ نوجوان اوپنر شُڀمَن گِل جي شاندار ڪارڪردگي مان ناخوش نظر اچي رهيو آهي.

اڳوڻي ڀارتي اوپنر جو چوڻ آهي ته شُڀمَن گِل ٻي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي پر وٽس 160 کان 180 رنسن جو ٺاهڻ جو بهترين موقعو هيو.

سهواگ چيو ته شُڀمَن گِل جي عمر صرف 25 سال آهي ۽ جيڪڏهن هو ڊبل سينچري به اسڪور ڪري وٺي ها مٿس ٿڪ جا آثار ظاهر نه ٿين ها ۽ هو آرام سان فيلڊنگ لاءِ به ڪري سگهي ها.

هن چيو ته جيڪڏهن گِل ٽيهه ورهين جو هجي ها اِهو ممڪن هو ته هو وڏي اننگز کيڏڻ کانپوءِ ٻي اننگز ۾ ٿڪل نظر اچي هجي پر هن عمر ۾ وٽس موقعو آهي ۽ هو وڏي اننگز کيڏي سگهي ٿو.

واضح رهي ته شُڀمَن گِل لاءِ سال 2023 انتهائي شاندار رهيو آهي، خاص طور ون ڊي فارميٽ ۾ هن لڳاتار تسلسل سان پرفارم ڪندي 12 سئو کان مٿي رنسون اسڪور ڪري ورتيون آهن، جنهن بعد هو ون ڊي فارميٽ ۾ ٽاپ اسڪورر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.