مهانگائيءَ جي ماريل عوام لاءِ بُري خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي في يونٽ هڪ رپيو 83 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.
مهانگائي جي ستايل عوام لاءِ بري خبر آهي ته سي پي پي اي بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ هڪ رپيو 83 پئسا واڌ جي درخواست نيپرا ۾ ڏئي ڇڏي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مهيني 15 ارب 47 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي، جڏهن ته پيداواري لاڳت 131 ارب 11 ڪروڙ رپيا رهي، سڀ کان مهانگي بجلي فرنس آئل سان پيدا ڪئي وئي، فرنس آئل سان بجلي جي پيداواري لاڳت 33 رپيا 32 پئسا في يونٽ رهي.
درخواست موجب گذريل مهيني ايل اين جي سان 23 رپيا 71 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي ۽ ايران کان 25 رپيا 9 پئسا في يونٽ بجلي درآمد ڪئي وئي، جڏهن ته 24 پئسا في يونٽ لائن لاسز جي ور چڙهي وئي.
هوڏانهن نيپرا ۾ درخواست تي ٻڌڻي ٿي پر سي پي پي اي اختياريون نيپرا کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، نيپرا درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، اٿارٽي انگن اکرن جو جائزو وٺي فيصلو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.