بجلي بلن جو معاملو، سراج الحق وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هر شهري پنهنجي بجلي جي بل ۾ بجلي چورن جو بل به ڀريندو آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته پاڪستاني عوام نه پر سرڪاري ادارا ۽ آفيسر بجلي چوري ڪندا آهن، وزيراعظم هائوس، صدر هائوس، سپريم ڪورٽ ۽ ٻيا ادارا بجلي جا بل ناهن ڀريندا، جنهن جو بار عوام برداشت ڪندو آهي.
هن چيو ته بجلي چورن خلاف ڪا ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، غريب جو ٻه هزارن جو بل نه ڀرڻ تي ڪنيڪشن ڪاٽيو ويندو آهي، پ پ، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومتن ڪجهه نه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ خلاف ڪم ڪري رهي آهي، نيپرا ايندڙ مهيني بجلي جي اگهه ۾ واڌ جي تجويز ڏني آهي، اسان بجلي بلن جي حوالي سان ڪيس تيار ڪيو آهي ۽ اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اٿاري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.