ناناپاٽيڪر ۽ شاهه رخ خان ۾ دشمني، نانا پاٽيڪر جو رد عمل اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا نانا پاٽيڪر شاهه رخ خان سان پنهنجي دشمني جي افواهن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هن کي شاهه رخ خان کان ڪو به مسئلو ناهي.
ڀارتي ميڊيا موجب نانا پاٽيڪر کان هڪ تازي انٽرويو ۾ شاهه رخ خان جي حوالي سان پڇيو ويو جنهن تي اداڪار چيو ته هو هڪ سٺو آرٽسٽ آهي، هن جي پهرين فلم ”راجو بن گيا جينٽل مين“ مون سان گڏ هئي پر پهريان ٻي فلم رليز ٿي وئي هئي.
نانا پاٽيڪر چيو ته آئون شاهه رخ خان کي پهرين فلم شوٽ تي چيو هو ته تون هڪ ڏينهن تمام وڏو ماڻهو بڻجي ويندين ۽ اڄ هو بالي ووڊ جو تمام وڏو اسٽار بڻجي ويو آهي.
هن پنهنجي ۽ شاهه رخ خان جي دشمني جي افواهن بابت چيو ته شاهه رخ خان جڏهن به ملندو آهي ته سٺي طرح ملندو آهي، هو منهنجو پنهنجو آهي ۽ مون کان ننڍو آهي، مون کي هن کان ڪا به پريشاني ناهي.
واضح رهي ته 1992ع ۾ رليز ٿيل رومانوي فلم ”راجو بن گيا جينٽل مين“ شاهه رخ خان جي پهرين سائن ڪيل فلم هئي جنهن جو هدايتڪار عزيز مرزا هو پر ان فلم کان اڳ ئي اداڪار جي ٻي سائن ڪيل فلم ”ديوانا“ رليز ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ ”ديوانا“ بالي ووڊ ۾ شاهه رخ خان جي ڊيبيو فلم بڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.