اسٽريٽ ڪرمنلز کي صفا نه ڇڏيو: آءِ جي سنڌ سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن جي روڪٿام ۽ منشيات خلاف ايڪشن وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي پوليس کي سنجيده قدم کڻڻ ۽ ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته منشيات خلاف وڏو ايڪشن وٺو، جنهن لاءِ توهان سڀني کي فهرستون اسپيشل برانچ ڏنيون آهن.
هن منشيات ۽ گٽڪا مافياز جون فهرستون جوڙڻ تي اسپيشل برانچ جي ڪم کي ساراهيو ۽ ايڪشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز کي صفا نه ڇڏيو، ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن جاري رکو، ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
رفعت مختار چيو ته فريادي جو داد نه ڪرڻ عذاب بڻجي ڪنهن نه ڪنهن تي ڪِرندو آهي، ايس ايس پيز وٽ مڪمل اختيار آهن، آزاداڻو ڪم ڪيو، توهان جي ڀرپور رهنمائي لاءِ مان موجود آهيان، هر مهيني اجلاس ۾ جائزو وٺندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.