عراق:شادي جي تقريب ۾ باهه لڳڻ سبب 113 ڄڻا فوت، 150 زخمي

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي صوبي نينوا ۾ شادي جي تقريب دوران هال ۾ ٻاهه لڳڻ سبب 113 کان وڌيڪ ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب عراق جي شهر همدانيا ۾ شادي جي تقريب دوران هال ۾ باهه لڳڻ وقت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو تقريب ۾ موجود هئا.
ميڊيا رپورٽس موجب شهرين جي دفاع بابت عراقي وزارت جو چوڻ آهي ته حادثي جي شروعاتي جاچ موجب باهه آتشبازي جي سامان مان لڳي هئي، حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب مقامي ڊپٽي گورنر حادثي ۾ 113 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حادثي واري هنڌ امدادي سرگرميون جاري آهن، جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال روانو ڪيو ويو آهي پر حادثي ۾ وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.