ڀارت سک اڳواڻ جي قتل ڪيس ۾ سهڪار تي راضي ٿي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سخت عالمي دٻاءَ کان پوءِ هندو انتهاپسند مودي سرڪاري ڪئناڊآ ۾ قتل ٿيل خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل ڪيس ۾ سهڪار جو راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
نيويارڪ ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرا منيم جي شنگر چيو آهي ته ڪا به حڪومت هنن کي هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي حوالي سان ٺوس شيءِ فراهم ڪري ته هو يقيني طور تي ان جو جائزو وٺندا.
ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان کان پوءِ ڪينيڊين انٽيليجنسي اختيارين نجر قتل ڪيس ۾ ڀارت جي خلاف شاهديون سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.
بريفنگ ملڻ تي اين ڊي پي جي اڳواڻ جگميت سنگهه جو چوڻ هو ته هن اعتماد جوڳيون شاهديون ڏٺيون آهن ته خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ جو ڪئناڊآ ۾ قتل جو ڀارت سان واسطو آهي.
واضح رهي ته ڪينيڊين وزيرياعظم جسٽن ٽروڊو پاليامينٽ ۾ بيهي الزام هنيو هو ته هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ملوث آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.