سنڌ جي ڇوڪرين لاءِ اسڪاٽ لينڊ ۾ اسڪالرشپس جو اعلان

عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪاٽ لينڊ پاڪستان اسڪالرشپس جون درخواستون وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
برٽس ڪائونسل جي انتظام هيٺ عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪاٽ لينڊ پاڪستان اسڪالرشپس جون درخواستون وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
اسڪاٽش حڪومت جي مالي مدد سان انهن اسڪالرشپس لاءِ سڄي پاڪستان (خاص طور سنڌ) ۾ ايڇ اي سي ڪنهن به تسليم ٿيل يونيورسٽي ۾ پاڪستاني عورتن خاطر بيچلرز ۽ ماسٽرز/ايم فل جي تعليم لاءِ فنڊ فراهم ڪيا ويندا آهن، اسڪاٽش حڪومت جي انهن گرانٽس جو مقصد عورتن لاءِ اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ انهن جون صلاحيتون ۽ عزم حاصل ڪرڻ لاءِ انهن سان سهڪار ڪرڻ آهي.
برٽس ڪائونسل پاڪستان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ماريه رحمان موجب ”اسڪاٽش اسڪالرشپس اسڪيم جو بنيادي ڪم پاڪستان ۾ نوجوانن جي تعليمي امنگن کي هٿي ڏيڻ آهي، ان اسڪيم جي شروعات کانپوءِ ئي اسان 18 هزار کان وڌيڪ نوجوان عورتن ۽ ڇوڪرين کي پنهنجي تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪئي آهي، هن سان اسان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي دستياب اسڪالرشپس جو ٻيڻو انگ فراهم ڪنداسين ته جيئن اهي گهٽ کان گهٽ رنڊڪ سان پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن، اهو سڀ اسان لاءِ نئين قدم ”هر آواز هم آواز“ جو حصو آهي، جنهن ذريعي اسان عورتن کي ڪاميابيون ماڻڻ ۽ پنهنجي ڳالهه چوڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيا آهيون.
يورپ جي ثقافت ۽ عالمي ترقي بابت وزير ڪرسٽينا ميڪ ڪيلوي چيو ته ڇوڪريون انڊر گريجوئيٽ تعليم تائين پهچ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنڊڪن کي منهن ڏينديون آهن، اهي اسڪالرشپس پاڪستان ۾ تعليم يافته عورتن جي نئين نسل کي سامهون آڻڻ ۾ مدد ڪري رهيون آهن، جيڪو معياري تعليم سان گڏ صنفي برابري تي گڏيل قومن طرفان پائيدار ترقي جي هدفن لاءِ اسڪاٽ لينڊ جي عزم جو دليل آهي.
هن چيو مون کي خوشي آهي ته ٻوڏ جي تباهي جي اثرن سان متاثر ٿيندڙن لاءِ دستياب اسڪالرشپس جو انگ هن سال ٻيڻو ٿي ويو آهي، اسڪاٽش حڪومت اسان جي اسڪالرشپس ۽ ترقياتي پروگرامن ذريعي پاڪستان ۽ اسان جي سڀني ڀائيوار ملڪن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مدد لاءِ پرعزم آهي.
انهن اسڪالرشپس ۾ ايڇ اي سي مان تسليم ٿيل پاڪستاني يونيورسٽي ۾ ٻن سالن جي ماسٽرز/ايم فل يا چئن سالن جي بيچلر ڊگري رڳو هيٺين مضمونن مان ڪنهن هڪ مضمون ۾ هوندي.
o ايجوڪيشن
o فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ايگريڪلچر
o هيلٿ سائنسز
o سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، رياضي
اهي اسڪالرشپس رڳو درخواست ڏيندڙ عورتن لاءِ آهن.
ان سان گڏوگڏ درخواست ڏيندڙ لاءِ لازمي آهي ته:
o پاڪستاني شهري هجن ۽ هن وقت پاڪستان ۾ موجود هجن.
o فهرست ۾ شامل مضمونن ۾ چئن سالن جي بيچلرز ڊگري يا ٻن سالن جي ماسٽرز ڊگري جي تعليم حاصل ڪري رهيون هجن.
o پاڪستان ۾ ايڇ اي سي جي تسليم ٿيل يونيورسٽي مان داخلا جي تصديق ٿيل آفر پاڻ سان گڏ رکن.
o ٻهراڙين/اقليتي گروهن ۾ معذور نوجوان عورتن کي درخواست فارم ڀرڻ لاءِ زور ڀريو، ڇو ته انهن جي درخواستن کي ترجيحي بنيادن تي ڏٺو ويندو.
درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر 2023 آهي.
وڌيڪ ڄاڻ لاءِ وزٽ ڪيو
https://www.britishcouncil.pk/programmes/education/scholarships

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.