ڪائنات جو خوبصورت ترين هنڌ ڪعبت الله شريف ۽ پاڻ سڳورن صه جو گهر مبارڪ آهي: شعيب اختر

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر مديني ۾ نوڪري ملڻ جي خواهش جو اظهارڪري ڇڏيو.

شعيب اختر ويجهڙائي ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس حج ۽ عمري بابت سوال ڪيا جنهن جي جواب ۾ شعيب اختر ٻڌايو ته هن پهريون ڀيرو 2014ع ۾ حج ڪيو.

شعيب اختر ٻڌايو ته گذريل سال الله هڪ ڀيرو وري کيس پنهنجي گهر سڏايو ۽ ٻيهر حج جي توفيق عطا ڪئي.

هن چيو ته ڪائنات ۾ سڀ کان خوبصورت جاءِ خاني ڪعبي ۽ حضور صلعم جو گهر مبارڪ آهي جتي وڃي طبعيت خوش ٿي ويندي آهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته مديني ۾ منهن ڍڪي قالينن تي سمهي پوندو هئس ته جيئن ڪوئي سڃاڻي تنگ ڪري ڇو جو اتي به ماڻهو سڃاڻي پوءِ سيلفين ۽ تصويرن لاءِ تنگ ڪندا آهن جنهن لاءِ مون ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو.

هن چيو ته جڏهن عبادت لاءِ ويندو آهيان ته ڪوشش ڪندو آهيان ته بس اڪيلو هجان، رياض الجنته ۾ به هڪ ٻه ڪلاڪ اڪيلو ويٺو رهيس.

شعيب اختر وڌيڪ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته مديني ۾ نوڪري ملي، مديني ۾ به اِها کي دعا گهري هئي، جيتونيڪ مسجد نبويءَ صلعم ته تمام وڏي ڳالهه آهي پر مونکي خاني ڪعبي ۾ به جيڪڏهن ٿوري جاءِ ملي وڃي ته اِها به تمام وڏي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.