ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلزپارٽي مختلف دورن ۾ حڪومت ۾ رهي آهي ۽ ڀيري پيپلزپارٽي خلاف اتحاد به ٺهندا رهيا آهن. جڏهن به اليڪشن ويجهي هوندي آهي ته سموريون سياسي طاقتون پنهنجي قوت جو استعمال ڪنديون آهن ۽ ان جو نتيجو اليڪشن کانپوءِ ظاهر ٿيندو آهي.
پيپلزپارٽي جيتوڻيڪ حڪومتن ۾ رهي آهي پر ايم ڪيو ايم به هميشه گڏيل نظر ايندي آهي، پيپلزپارٽي جو اهو موقف رهيو آهي هو ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪندي آهي پر هن ڀيري پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائم ملڻ وارو
آهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ان کان اڳ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبا ڪيا ويا هئا جن جون بعد ۾ شڪايتون ڪيون ويون ته اهي مطالبا منظور نه ڪيا ويا.
تازو ايم ڪيو ايم اڳواڻ پنهنجين پريس ڪانفرنس ۾ اهو واضح ڪري رهيا آهن ته هميشه کين نظرانداز ڪيو ويو آهي، پريس ڪانفرنس ۾ سندن زور انهن ڳالهين تي هوندو آهي ته حڪومت ڪراچي تي ڪو ڌيان ناهي ڏنو، ڪراچي ۾ بدامني پاڻي جا مسئلا، گندگي جا مسئلا هر ڳالهه هن وقت ايم ڪيو ايم پاران ياد ڏياريو پيو وڃي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان گڏ هاڻي جي ڊي اي به آهي، جي ڊي اي جو صفدر عباسي ۽ مصطفيٰ ڪمال ڪجهه وقت کان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
مصطفيٰ ڪمال ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ هو۽ بعد ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم زور وٺي وئي هئي پوءِ ڌڙا بندي ٿي وئي هئي جنهن ۾ مصطفيٰ ڪمال ڌار ٿي ويو هو ۽ پنهنجي پارٽي ٺاهي هيائين، ان وقت ايم ڪيو ايم باني تي پابندي لڳائي وئي هئي.
پر هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي پليٽ تان سرگرم آهي ۽ جي ڊي اي جو کيس مڪمل سهڪار آهي.
جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي هڪ مضبوط اتحاد ٺاهي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جي سڀني پراڻن ماڻهن کي گڏ ڪيو پيو وڃي ذريعن جو چوڻ آهي ته پراڻا سيڪٽر بحال ڪيا پيا وڃن ۽ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ هر حربو هلايو ويندو.
ايم ڪيو ايم ان سلسلي ۾ جيڪو پلان جوڙيو آهي اهو مصطفيٰ ڪمال آهي جنهن کي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ريپليس ڪيو ويندو، يعنيٰ ايم ڪيو ايم مصطفيٰ ڪمال کي گورنر بڻائڻ چاهي ٿي.
جيڪڏهن جي ڊي اي جي سهڪار ۽ ايم ڪيو ايم جي جدوجهد سان مصطفيٰ ڪمال جي گورنر بڻجڻ وارو پلان ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پيپلزپارٽي کي ضرور ڌڪ رسندو ۽ مضبوط مخالفت ٿيندي.