واٽس ايپ جلد مڪمل طور تي تبديل ٿي ويندو

ميٽا طرفان واٽس ايپ جي ڊزائين کي بهتر بڻائڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.
ان مقصد لاءِ ڪمپني طرفان يوزر انٽرفيس ۾ نوان فيچرز ۽ تبديلين جو اضافو ڪيو پيو وڃي.
انهن نون فيچرز ۽ تبديلين کان پوءِ واٽس ايپ يوزر انٽرفيس مڪمل طور تي تبديل محسوس ٿيڻ لڳندو.
رپورٽ موجب ڪمپني طرفان آءِ او ايس ۽ اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ يوزر انٽرفيس کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب واٽس ايپ جي يوزر انٽرفيس کي وڌيڪ جديد انداز ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
نئين يوزر انٽرفيس ۾ نون آئڪونز کي متعارف ڪرايو ويندو جڏهن ته لائيٽ ۽ ڊراڪ موڊز لاءِ هڪ نمايان گرين ڪلر ٿيم جو اضافو به ڪيو ويندو.
اهڙيءَ طرح چيٽ ببل جي رنگن ۽ فلوٽنگ ايڪشن بٽن کي به تبديل ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته واٽس ايپ طرفان ايپ جي مٿان سائي رنگ کي هٽايو پيو وڃي جيڪو هيل تائين ان ايپ جو امتيازي رنگ سمجهيو ويندو هو.
واٽس ايپ جو نئون يوزر انٽرفيس اينڊرائڊ ڊوائسز لاءِ بيٽا ورجن ۾ محدود واهپيدارن کي دستياب آهي.
جيتوڻيڪ اڃا نئين يوزر انٽرفيس جي آزمائش بيٽا ورجن ۾ ڪئي پئي وڃي ته سڀني واهيپدار لاءِ ان کي متعارف ڪرائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگھي ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.