ڀارت ۾ زيادتي جو نشانو بڻايل ڪپڙن کان آجي نينگري جون مدد لاءِ دانهون
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ جنسي زيادتي جو شڪار 12 ورهين جي نينگري ڪپڙن کان آجي حالت ۾ مدد لاءِ دانهون ڪندڙ ۽ گهٽين ۾ گھمڻ جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب 12 ورهين جي نينگري کي مڌيا پرديش رياست جي شهر اجين ۾ زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد هڪ آشرم (پناهه گاهه) ٻاهران اڇليو ويو.
اڌ اُگھاڙي نينگري جي سامهون آيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته پنهنجي جسم جي عضون کي ڍڪيندڙ نينگري هڪ رهائشي علائقي ۾ مدد لاءِ دانهون ڪري رهي آهي ۽ انهيءَ دوران هوءَ در تي بيٺل هڪ شخص کي مدد لاءِ چوي ٿي پر اهو شخص کيس اتان ڀڄائي ڇڏي ٿو.
ان کان پوءِ نينگري کي شديد زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ان کي وڌيڪ طبي سهولتون جي فراهمي لاءِ اندور ريفر ڪيو ويو.
پوليس موجب نينگري ان حالت ۾ ناهي جو هوءَ ڪجهه ٻڌائي سگھي پر سندس لهجو ٻڌائي رهيو آهي ته سندس واسطو مڌيا پرديش سان ئي آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته ميڊيڪل چيڪ اپ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
نوٽ: وڊيو غير اخلاقي هجڻ سبب خبر ۾ شامل ناهي ڪئي وئي.