لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم عالمي ڪپ لاءِ ڀارت روانگي کان اڳ بيان جاري ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي قومي ٽيم سان گڏ ڪپتان پنهنجي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته اسان عالمي ڪپ لاءِ روانو ٿي چڪا آهيون.
As we head for the World Cup, we seek prayers of all the Pakistan cricket team fans and well-wishers. I am certain that you will continue to extend your support and love, which you have always done.
Pakistan Zindabad 🇵🇰 pic.twitter.com/ZiMJIfCBfd
— Babar Azam (@babarazam258) September 27, 2023
بابر اعظم پاڪستان ٽيم جي فينز کان دعائن ۽ نيڪ خواهشن جي درخواست ڪندي لکيو ته کيس يقين آهي ته اسان جا چاهيندڙن جي سپورٽ ۽ محبت جو سلسلو جاري رهندو.
ياد رهي ته پاڪستان ٽيم لاهور کان دبئي پهچي چڪي آهي، قومي ٽي ٽهپري ۾ حيدرآباد دکن لاءِ رواني ٿيندي.