آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم نمبر ون بيٽر طور شرڪت ڪندو.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) طرفان رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪپتان بابر اعظم جي ونڊي بيٽرز رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن برقرار آهي.

رينڪنگ موجب، بابر اعظم ورلڊ ڪپ ۾ نمبر ون بيٽر جي حيثيت ۾ داخل ٿيندو جڏهن ته ڀارتي اوپنر شَڀمَن گِل پاڪستاني ڪپتان جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو آهي.

اسکرین شاٹ

آءِ سي سي رينڪنگ موجب، بابر اعظم جي ريٽنگ پوائنٽس 857 برقرار آهن جڏهن ته شُڀمَن گِل جي ريٽنگ پوائنٽس 814 مان وڌي 847 ٿي ويا آهن.

رينڪنگ ۾ پاڪستان جي امام الحق چوٿين کان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي، فخر زمان ٽاپ ٽين ۾ موجود آهي ۽ سندس ان فهرست ۾ ڏهون نمبر آهي.

ٻئي پاسي آءِ سي سي ون ڊي بالرز رينڪنگ ۾ ڀارت جي محمد سراج جو پهريون نمبر برقرار آهي، آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ رينڪنگ ۾ ٻي ۽ افغانستان جي راشد خان جي چوٿين پوزيشن آهي.

اهڙي ريت ٽرينٽ بولٽ رينڪنگ ۾ هڪ درجو وڃائيندي پنجين، شاهين اٺين ۽ فاسٽ بالر حارث رئوف رينڪنگ ۾ ٻه درجا ترقي ماڻڻ کانپوءِ 22 هين نمبر تي موجود آهي.

آءِ سي سي جي ون ڊي آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو پهريون نمبر برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.