چارجنگ تي لڳل فون زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، 3 ڄڻا زخمي

چارجنگ تي لڳل موبائل فون ڦاٽڻ سان گھر ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي سبب گھر جا شيشا به ٽٽي پيا.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو واقعو ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ پيش آيو جتي هڪ گھر ۾ چارجنگ تي لڳل فون زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن جي ڪري گھر کي باهه لڳي وئي.

ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته موبائل فون چارجنگ تي لڳل هئي ۽ ان جي ڀرسان پرفيوم رکيل هئي، جنهن ئي موبائل فون جي بيٽري ڦاٽي ته پرفيوم باهه پڪڙي ورتي جنهن سان وڌيڪ ڌماڪو ٿيو.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ هو ته ڌماڪي سبب نه رڳو گھر جا شيشا ٽٽي پيا پر باهه لڳڻ سبب پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي جا به شيشا ٽٽي پيا.

ميڊيا رپورٽس موجب ان واقعي ۾ گھر جا ٽي ڄڻا زخمي ٿيا ۽ گھر جي فرنيچر کي ڪافي نقصان پهتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.