قديم آثارن جي ماهرن رومي سمنڊ ۾ هڪ هزار سال کان وڌيڪ عرصو اڳ ٻڏي ويل مصر جي هڪ شهر مان نئون خزانو دريافت ڪيو آهي.
پرقليون نالي اهو شهر 331 قبل مسيح ۾ اسڪندريا شهر جي قائم ٿيڻ کان اڳ مصر جو سڀ کان وڏو ٻيٽ هو، جيڪو 8 صدي ۾ رومي سمنڊ جي اونهائين ۾ گم ٿي ويو هو.
ان شهر کي 2000ع ۾ فرانس جي قديم آثارن جي ماهر فرينڪ گوڊيو جي سربراهي ۾ هڪ ٽيم دريافت ڪيو هو.
هاڻي فرينڪ گوڊيو جي ئي ٽيم اتان مختلف شين کي ڪڍيو آهي جنهن ۾ سونا زيور، چاندي جا ٿانو ۽ بدڪ جهڙي هڪ عجيب ڊوائس به شامل آهي.
ان سان گڏوگڏ سرامڪس جو ٺهيل هڪ هٿ به سمنڊ جي اونهائين مان ڪڍيو ويو آهي.
فرينڪ گوڊيو ان دريافت کي زبردست قرار ڏيندي ٻڌايو ته ان سان ان شهر جي امارتن جو امارات جو ٿئي ٿو.
هن ٻڌايو ته اهو شهر مختلف قدرتي آفتن جهڙوڪ زلزلي ۽ سونامي سبب جيئن جو تيئن رومي سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ شروع ٿيو هو ۽ اهو عمل 8 صدي ۾ مڪمل ٿيو.
هاڻي ان شهر جا کنڊر ويجهي سمنڊ کان 4 ميل جي مفاصلي تي سمنڊ جي اونهائين ۾ موجود آهن.
ماهرن جولاءِ ۾ ان شهر جي ڏکڻ واري حصي جي کوٽائي ڪئي هئي جتي مصري ديوتا جي هڪ مندر جا آثار به دريافت ٿيا.
فرينڪ گوڊيو موجب اهو مندر شهر جي غرق ٿيڻ کان هڪ هزار سال اڳ ئي ڪنهن قدرتي آفت سبب ڊهي ويو هو.
ان مندر مان مختلف زيورن ۽ شين کي ڪڍيو ويو آهي.
مندر جي هيٺان ماهرن ڪاٺي جو زمين هيٺ اسٽرڪچر به دريافت ڪيو جيڪو امڪاني طور تي پنج صدي قبل مسيح پراڻو هو.
ان مندر جي اوڀر هڪ يوناني ديوي سان منسوب جاءِ کي به دريافت ڪيو ويو جنهن ۾ پتل ۽ سرامڪس جون شيون موجود هيون.
جيتوڻيڪ ان شهر کي دريافت ٿئي 20 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي پر نئين ٽيڪنالوجي جي ڪري هاڻي اتان جي کوج ڪرڻ وڌيڪ سولو ٿي ويو آهي.