ٻلي سمجهي ڪاري شينهن جو ٻچو پاليندڙ عورت جي وڊيو وائرل

پينٿر جي ٻچي کي ٻلي جو ٻچو سمجهي ريسڪيو ڪندڙ روسي عورت جي وڊيو وائرل ٿي آهي.
بليڪ پينٿر سڄي دنيا ۾ وڏين ٻلين جو هڪ ناياب نسل آهي ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ روسي عورت روڊ جي ڪناري تان هڪ بليڪ پينٿر جي ٻچي کي ٻلي جو ٻچو سمجهي ريسڪيو ڪيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته روسي عورت مٽي ۾ ميري هڪ ڪاري رنگ جي پينٿر جي ٻچي کي ريسيڪو ڪيو پر عورت کي خبر نه پئي ته اهو پينٿر جو ٻچو آهي، عورت ۽ پينٿر جي ٻچي کي هڪ ٻئي سان محبت ٿي وئي ۽ ائين پينٿر جو ٻچو عورت جي گھر ئي پليو ۽ وڏو ٿيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by @factmayor

عورت جي سوسل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پينٿر جي وڊيو به موجود آهي، ٻي پاسي عورت هڪ ٻيو پالتو جانور ڪتو به پاليو آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدار جتي عورتن کي بليڪ پينٿر جي ملڻ تي خوش نصيت تصور ڪري رهيا آهن اتي ئي واهپيدار ان کي خطري جي گھنٽي به قرار ڏئي رهيا آهن ڇو جو پينٿر هڪ جنگلي جانور آهي جنهن جي فطرت ۾ حملو ڪرڻ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.