رپئي جي قدر ۾ واڌ جو رجحان جاري، ڊالر وڌيڪ ڪِري پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه وڌيڪ گهٽجي ويو.
اڄ ڪاروبار جي شروعات سان ئي ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ هڪ رپيو سستو ٿي ويو.
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 288 رپيا 75 پئسا آهي، جيڪو گذريل ڏينهن 289 رپيا 80 پئسا تي بند ٿيو هو.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر ٻه رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 292 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.