نواز شريف وطن ورڻ کان اڳ ڪاڏي ويندو؟ اهم خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي کان اڳ سعودي وڃڻ جو امڪان آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، ن ليگ قائد نواز شريف جي وطن واپسي واري معاملي ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هو وطن واپسي کان اڳ وچ اوڀر جي ٽن مُلڪن جو دورو ڪندو.

پارٽي ذريعن موجب، نواز شريف پاڪستان پهچڻ کان اڳ سعودي عرب، گڏيل عرب رياستن ۽ قطر جو دورو ڪري سگهي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ڄاڻايل مُلڪن جي دورن جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، مريم نواز سميت اهم ليگي اڳواڻ ساڻس گڏ هوندا.

ن ليگ ذريعن موجب، نواز شريف وچ اوڀر جي دوري دوران پاڪستان ۾ اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري جي معاملن کي اڳتي وڌائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.